مير عامر خان مگسي

مير عامر خان مگسي

عامر خان مگسي مير

عامر خان مگسي، مير: مير عامر خان مگسي ولد نواب الله خان مگسي'>سيف الله خان مگسي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي والد جي سياسي تربيت ۾ رهيو. 11 اپريل 1969ع تي سندس والد جي شهادت کانپوءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ نواب ذوالفقار علي مگسيءَ جي زير نگراني سياست ۾ چونڊن ۾حصو ورتائين. هن سياست جي باقاعده شروعات 1988ع جي عام چونڊن دوران ڪئي. سال 2008ع وارين عــام چــونـڊن ۾ قنـبـر واري قـومــي اسيمبليءَ جي سيٽ تان چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو. نوابزاده مير عامر خان مگسي سياسي ذهن رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، سندس تعلق به هڪ اهڙي ئي سياسي گهراڻي سان آهي، جنهن جو سياسي اثر سنڌ سميت بلوچستان صوبي تي به نمايان رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو